سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي پرڏيهي سيڙپڪاري بابت رپورٽ مان ثابت ٿي ويو آهي

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي پرڏيهي سيڙپڪاري بابت رپورٽ مان ثابت ٿي ويو آهي ته سيڙپڪاري ۽ ايڪسپورٽ خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو آهي،عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي ۽  واپارين به ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آهي،   خان صاحب کي قوم کان معافي وٺي  غلطي تسليم ڪرڻي پوندي ته هن وٽ مسئلن جو ڪو به حل نه آهي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت جي عوام دشمن پاليسين سبب غريب ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي ۽ واپاري طبقو توڙي آبادگار ۽ فلور ملز هرڪو هڙتال ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ايڪسپورٽ ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي ٿي وئي آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته صنعتون بند ٿي وينديون ته غريب ماڻهو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ۾ مبتلا ٿي ويندا.

حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري  واپارين ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ فلور ملرز به هڙتال تي وڃي رهيا آهن.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته شيخ رشيد جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته ريل جي هڪ ٻئي پٺيان حادثن تي شيخ رشيد جو ضمير کيس ملامت نه ٿو ڪري.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ريلوي کي زمين به سنڌ حڪومت ڏني آهي اها شيخ رشيد جي ذاتي ملڪيت ناهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته    خان صاحب کي قوم کان معافي وٺي  غلطي تسليم ڪرڻي پوندي ته هن وٽ مسئلن جو ڪو به حل نه آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*