مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻي غربت سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ آهي

مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻي غربت سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ آهي، ٿر ۾ هر سال 5 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا بک وگهي مري وڃن ٿا، گذريل دور ۾ حڪمرانن اربين رپيا پنهنجي پرڏيهي ۽ ملڪي دورن تي خرچ ڪيا.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي مراد سعيد چيو ته  2017 ۾ سڪيورٽي جي نالي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وٽ 164 گاڏيون هيون ۽ سندس سڪيورٽي تي 316 ڪروڙ  41  لک رپيا خرچ ڪيا ويا.

هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سڪيورٽي جي نالي تي غريب عوام جا  4 ارب 31 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، نااهلي کانپوءِ شهباز شريف پنجاب حڪومت مان نواز شريف جو خرچ سنڀاليو

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف 556 ڀيرا وزيراعظم جو جهاز ملڪ جي اندر استعمال ڪيو ۽ هن 872 ڪروڙ 69 لک کان وڌيڪ پنهنجي سڪيورٽي تي خرچ ڪيا

وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته شريف ڪٽنب پنج گهرن کي ڪيمپ آفيس بڻايو، 27 سئو 17 اهلڪار شريف ڪٽنب جي سيڪيورٽي تي مقرر هئا

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير سميت ڪنهن به وزير جي ڪيمپ آفيس نه آهي

وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته ماضي ۾ حڪمران قطر جي دوري تي رڳو قطري خط لاءِ ويندا هئا، عمران خان قطر وڃي ٿو ته پاڪستان ۽ قوم جي ڳالهه ڪري ٿو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*