اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، وياج جي شرح ۾ هڪ سئو بيسز پوائنٽس واڌ ڪندي وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي ڇڏي آهي

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، وياج جي شرح ۾ هڪ سئو بيسز پوائنٽس واڌ ڪندي وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي ڇڏي آهي، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر ٻن مهينن لاءِ مانٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو  آهي ته ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ مهانگائي هڪ سيڪڙو وڌيڪ وڌندي، اسٽيٽ بينڪ جي وياج لاءِ نئين شرح کانپوءِ پاڪستان وياج جي وڌيڪ شرح جي لحاظ کان ايشيا ۾پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي.

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر ٻن مهينن لاءِ مانٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائيندي 13 ڏهائي 25 سيڪڙو ڪئي وئي آهي

رضا باقر چيو ته ايڪسچينج ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهنڪري ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ مهانگائي هڪ سيڪڙو وڌندي

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته مهانگائي جي شرح 11 کان 12 سيڪڙو تائين پهچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي

رضا باقر چيو ته اگهن ۾ واڌ به وياج ۾ واڌ جو هڪ سبب آهي، ٽيڪسز ۾ واڌ ماڻهن جي خريداري واري قوت گهٽائي ڇڏي آهي

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ مهانگائي ڪافي حد تائين گهٽجي ويندي

اسٽيٽ بينڪ جي نئين پاليسي سان پاڪستان، وياج جي وڌيڪ شرح جي لحاظ کان ايشيا ۾ پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*