ملڪ ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان برسات جو سلسلو جاري آهي، گذريل رات کان هلندڙ برسات سبب لاهور جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

ملڪ ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان برسات جو سلسلو جاري آهي، گذريل رات کان هلندڙ برسات سبب لاهور جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، وڏي وزير لاهور جي مختلف علائقن جو دورو ڪري انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

گذريل ٻن ڏينهن کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ سبب هن وقت تائين 35 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن

لاهور ۾ گذريل رات کان ٿيل تيز برسات کانپوءِ شهر جا مختلف علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

لاهور جا مختلف روڊ رستا پاڻي سان ڀرجي وڃڻ کانپوءِ وڏو وزير عثمان بزدار گاڏي ۾ سوار ٿي شهر جي دوري تي نڪري پيو

وڏي وزير عثمان بزدار شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل عورتن کي لفٽ به ڏني

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار شهر جي انتظاميا کي جلد برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت به ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*