آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگن آرٽيگس چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگن آرٽيگس چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي،آمريڪا ڪرتار پور راهداري کولڻ جو آڌر ڀاءَ ڪري ٿو.

واشنگٽن ۾ ميڊيا جي  نمائندن سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان   چيو ته آمريڪا پاڪ-ڀارت عوامي رابطا وڌائڻ وارن قدمن جي همت افزائي ڪري ٿو.

هن چيو ته آمريڪا اهڙن سمورن قدمن جي حمايت ۽ حوصلا افزائي  ڪري ٿو، جيڪي ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻين.

ترجمان چيو ته ميانمار جي آرمي چيف ۽ ٻين 4 جرنيلن جو روهنگيا اقليت جي نسل ڪشي ۾ ڪردار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*