سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ماڊل ڪورٽس  قائم ڪرڻ کانپوءِ  ملڪ جي 10 ضلعن ۾ التوا ۾  قتل جي ڪيسن جو تعداد زيرو ٿي ويو آهي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ماڊل ڪورٽس  قائم ڪرڻ کانپوءِ  ملڪ جي 10 ضلعن ۾ التوا ۾  قتل جي ڪيسن جو تعداد زيرو ٿي ويو آهي،هاڻ ڪيسن ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿيندي.

اسلام آباد کان ويڊيو لنڪ جي ذريعي سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي  دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ايندڙ هڪ مهيني  ۾ ملڪ جي 50 ضلعن ۾ قتل جي التوا ۾ پيل ڪيسن کي اڪلايو ويندو.

هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي ۾ ڪيسن جي دير سان ٻڌڻي جي حوصله افزائي نه ڪئي ويندي آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به ڪيس کي ملتوي نه ڪنداسين.

ان کان اڳ چيف جسٽس  جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ  قتل جي جوابدار جي بريت خلاف  اپيل جي شنوائي ڪئي.

درخواست  گذار  عدالت جي سامهون موقف اختيار ڪيو ته  پوليس پنهنجي ليکي ڪيس داخل ڪرايو ۽ اسان جي ڳالهه نه ٻڌي.عدالت اجازت ڏئي  وڪيل ڪرڻ چاهيان ٿو.

چيف جسٽس چيو ته قتل جو ڪوبه شاهد ناهي، ڪنهن به ڪيس کي ملتوي نه ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*