ڪنڌڪوٽ ۾ڊي ايس پي سٽي جي آفيس تي عدالتي ڇاپي دوران بازياب ڪرايل پيءُ پٽ سيشن ڪورٽ ۾پيش  ٿيا

ڪنڌڪوٽ ۾ڊي ايس پي سٽي جي آفيس تي عدالتي ڇاپي دوران بازياب ڪرايل پيءُ پٽ سيشن ڪورٽ ۾پيش  ٿيا، عدالت پيءُ پٽ کي بيگناهه باندي بڻائڻ تي ڊي ايس پي سٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي ايس پي سٽي هڪ شهري کي پٽ سميت پنهنجي آفيس ۾ قيد ڪري  رکيو هو.

گذريل ڏينهن ڊي ايس پي سٽي جي آفيس ۾ عدالتي ڇاپي دوران بازياب ٿيل شهري عظيم شاهه ۽ سندس پٽ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

سيشن جج  پيءُ ۽ پٽ کي بيگناهه باندي بڻائڻ تي ڊي ايس پي سٽي ممتاز کهڙو خلاف ڪيس داخل  ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

متاثر ڌر جي وڪيل محسن خان ميڊيا کي ٻڌايو ته سيشن جج ڊي ايس پي سٽي ممتاز کهڙو تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وڪيل موجب عدالت ڊي ايس پي سٽي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي متاثرن کي تڪڙو انصاف  فراهم ڪيو آهي.

ياد رهي ته ڊي ايس پي سٽي ممتاز کهڙو شهري عظيم شاهه ۽ سندس پٽ کي ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي آفيس ۾باندي بڻائي رکيو هو، گذريل ڏينهن عدالتي ڇاپي دوران ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*