ڪشمور ويجهو ٻڏي ويل گھوٽڪي واسي نوجوان جو لاش 21 ڪلاڪن بعد  هٿ اچي ويو

ڪشمور ويجهو ٻڏي ويل گھوٽڪي واسي نوجوان جو لاش 21 ڪلاڪن بعد  هٿ اچي ويو، وارث لاش گهوٽڪي کڻائي ويا، نوجوان گذريل ڏينهن وهنجڻ دوران  ٻڏي ويو ھو.

ڪشمورڀرسان گذريل ڏينهن گيهلپور فيڊر ۾ آر ڊي  45 وٽ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل گهوٽڪي واسي نوجوان 18 ورهين جي شعبان مهر جو لاش  مقامي ٽوٻن جي مدد سان 21 ڪلاڪن بعد هٿ اچي ويو.

گيهلپور فيڊر مان فوتي نوجوان شعبان مهر جو لاش ڪڍڻ بعد ضروري ڪارروائيءَ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

گهوٽڪي کان ڪشمور مهمان ٿي ويل نوجوان شعبان مهر گذريل ڏينهن گيھلپور فيڊر ۾آر ڊي 45 وٽ وھنجڻ دوران ٻڏي ويو ھو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*