دولتپور صفن ۾ ڳوٺاڻي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي آهي

دولتپور صفن ۾ ڳوٺاڻي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي آهي.

ڳوٺ جلال ڏاهري ۾ ٻه مهينا اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل غلام شبير ڏاهري جي وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مظاهرين غلام رسول ڏاهري، عزيز الله ڏاهري، اياز علي ۽ ٻين چيو ته 2 مهينا اڳ غلام شبير ڏاهري کي جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪيو، پر پوليس اڃا تائين واقعي جا جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته مک جوابدار  ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته غلام شبير جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*