ٺل ۾ مبينا ڀتو نه ملڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾مارجي ويل نوجوان قائم الدين سرڪيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي جماعتون ۽ شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن

ٺل ۾ مبينا ڀتو نه ملڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾مارجي ويل نوجوان قائم الدين سرڪيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي جماعتون ۽ شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن، جمعي ڏينهن اعلانيل شٽربند هڙتال جي ڪاميابي لاءِ هينڊ بل به ورهايا ويا آهن.

 10 ڏينهن اڳ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان قائم الدين سرڪيءَ جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف اٺين ڏينهن به وارثن ۽ شهرين شاهه لطيف لائبريريءَ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي امام الدين سرڪي، جمال ٻرڙو، عباس نوناري، وسيم قريشي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس جوابدارن جي ونگار وهي رهي آهي، ان ڪري پوليس جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ تيار نه آهي، رڳو 2 جوابدار بااثرن جي معرفت پيش ٿيا آهن، جن کي پڻ پوليس مهمانن وانگر رکيو آهي.

هنن چيو ته جوابدارن جي گرفتاريءَ تائين سندن احتجاج جاري رهندو ۽ جمعي تي ٺل شهر ۾شٽربند هڙتال ڪئي ويندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*