نون ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله سان ملاقات لاءِ پهتل پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي جيل اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي

نون ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله سان ملاقات لاءِ پهتل پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي جيل اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

پنجاب اسيمبلي جا ميمبر جيل ۾  نون ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله سان ملاقات لاءِ پهتا ته  پوليس اهلڪارن ايم پي ايز کي جيل ٻاهران  اس ۾ بيهاري ڇڏيو.

جيل انتظاميا ايم پي ايز کي ٻڌايو ته  هو راڻا ثناءُ الله سان  ملي نٿا سگهن.

راڻا ثناءُ الله سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ تي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته پوليس اسان جو استحقاق متاثر ڪيو آهي، پوليس خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ رٿ جمع ڪرائينداسين.

ايم پي اي ياسين سوهل جو چوڻ هو ته کين ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي،اسيمبلي رولز 1972 جو ايڪٽ کين جيل جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

هن چيو ته جيل ۾قيدين سان لاڳاتار اڻ وڻندڙ سلوڪ ڪيو پيو وڃي.قيدن کي پاڻي ، نڪي وري مناسب خوراڪ ملي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*