ڪراچي پريس ڪلب آڏو نرسز جو مطالبن جي مڃتا لاءِ چوڏهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي

ڪراچي پريس ڪلب آڏو نرسز جو مطالبن جي مڃتا لاءِ چوڏهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد ايڪتا جي اظهار طور نرسز جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، حليم عادل شيخ چيو ته نرسز وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ته سندن ساٿ ڏينداسين، سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي.

نرسنگ الائنس جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو چوڏهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي.

حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد ڪراچي پريس ڪلب پهچي نرسز سان ايڪتا جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت نرسز

معاملو حل نه پئي ڪري ، نرسز جيڪڏهن وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ  ڪيو ته پي ٽي آءِ سندن ساٿ ڏيندي.

حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، ويندي ڪو ته چڱو ڪم ڪري وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*