وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ناڻو لٽيندڙن کي معاف ڪيو ته اها قوم سان غداري هوندي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته آئون پوئتي هٽي ويندس، اها سندس ڀُل آهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ناڻو لٽيندڙن کي معاف ڪيو ته اها قوم سان غداري هوندي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته آئون پوئتي هٽي ويندس، اها سندس ڀُل آهي

اسلام آباد ۾ واپارين جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جن ماڻهن جا اربين رپيا ملڪ کان ٻاهر پيل آهن، انهن جا مفاد ٻيا آهن، منهنجي ملڪ کان ٻاهر ڪابه ملڪيت ناهي ۽ نه ئي ڪو بينڪ اڪائونٽ آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان ئي آهي.

هن چيو ته ٽيڪس کان بچڻ لاءِ هڙتال جو ڪو به فائدو ناهي، ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو، واپارين جا سمورا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا

سندس چوڻ هو ته ٽيڪس نظام جي بهتري لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارا آندا پيا وڃن ۽ ان لاءِ ئي شبر زيدي کي پرڏيهه مان گهرايو آهي

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اهي قومون تباهه ٿي وينديون آهن جتي امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجي، مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقي جو خيال رکيو ويندو آهي

وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ جهڙي ريت پاڪستان کي هلايو پئي ويو هاڻي اهڙي ريت پاڪستان نه هلندو، اسملنگ جي روڪٿام کانسواءِ انڊسٽري اڳتي وڌي نه ٿي سگهي ان لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*