انصاف جي عالمي عدالت  پاڪستان مان گرفتار ٿيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي آزادي ۽ کيس ڀارت حوالي ڪرڻ واري ڀارتي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

انصاف جي عالمي عدالت  پاڪستان مان گرفتار ٿيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي آزادي ۽ کيس ڀارت حوالي ڪرڻ واري ڀارتي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

انصاف جي عالمي عدالت جي جج عبدالقوي احمد يوسف دي هيگ جي پيِس پَيلَس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، ٻڌڻي دوران پاڪستان طرفان اٽارني جنرل انور منصور خان جي قيادت ۾ وفد به موجود هو.

عالمي عدالت ڪلڀوشن ياديو جي بريت واري درخواست رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڪلڀوشن ياديو کي ٻڌايل سزا کي ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 36 جي ڀڃڪڙي تصور  نه ٿو ڪري سگهجي

عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان جي فوجي عدالت پاران ٻڌايل سزا کي چئلينج ڪرڻ واري اپيل به رد ڪندي چيو ته ڪلڀوشن ياديو پاڪستان جي قيد ۾ ئي رهندو

انصاف جي عالمي عدالت جي جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر رسائي ڏئي ۽ کيس ٻڌايل سزا تي نظرثاني ڪئي وڃي

عالمي عدالت جي جج عبدالقوي احمد يوسف فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڪلڀوشن ياديو ڀارتي شهري آهي، ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي کيس ڀارتي شهري تسليم ڪيو آهي

عالمي عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو حسين مبارڪ پٽيل نالي پاسپورٽ اصلي آهي ۽ هو انهي پاسپورٽ تي 17 ڀيرا ڀارت اندر آيو ۽ واپس ويو

انصاف جي عالمي عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو تائين قونصلر رسائي گهري آهي ۽ پاڪستان ان تي اعتراض واريندي موقف ڏنو آهي ته ڪلڀوشن ڪيس ۾ ويانا ڪنوينشن لاڳو نه ٿو ٿئي، پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر رسائي ڏئي، پاڪستان ويانا ڪنوينشن ۾ طئي ٿيل قونصلر رسائي واري معاملي جو خيالن نه رکيو آهي.

عالمي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ويانا ڪنوينشن جاسوسي جي الزام ۾ قيد ماڻهن کي قونصلر رسائي کان محروم نه ٿو رکي سگهي

انصاف جي عالمي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي بابت دائري اختيار تي پاڪستان جي اعتراض کي به رد ڪري ڇڏيو

ياد رهي ته ڀارت پنهنجي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي بريت لاءِ عالمي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ پاڪستان طرفان اهم ڪيس جي پيروي خاور قريشي ڪئي، عالمي عدالت ڪلڀوشن ڪيس جو فيصلو 21 فيبروري 2019 تي محفوظ ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*