اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي نيب پنڊي اڳيان پيش نه  ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي نيب پنڊي اڳيان پيش نه  ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن مطابق نون ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پارٽي قيادت سان صلاح مشوري کانپوءِ  فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي  اڄ نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿي ڪري ايل اين جي ٺيڪي بابت وضاحت پيش ڪرڻي هئي.

اهو به امڪان هو ته نيب پاران  اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي قطر مان ايل اين جي امپورت ڪرڻ واري معاهدي بابت سوالنامو ڏيڻو هو.

نون ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان تي الزام آهي ته هن پنهنجي حصيدار ڪمپني کي ايل اين جي درآمد ڪرڻ ۽ ورڇ جو 220 ارب رپين جو ٺيڪو ڏنو.

شاهد خاقان عباسي  پهريان ئي واضح ڪري چڪو آهي ته هن ايل اين جي جو ٺيڪو ڏئي ڪري ڪوبه غلط ڪم نه ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*