سنڌ اسيمبلي جو گرفتار اسپيڪر آغا سراج دراني 5 ڏينهن جي پيرول تي آزاد ٿي ڳڙهي ياسين پهچي ويو

سنڌ اسيمبلي جو گرفتار اسپيڪر آغا سراج دراني 5 ڏينهن جي پيرول تي آزاد ٿي ڳڙهي ياسين پهچي ويو، جتي هن پنهنجي  فوت ٿي ويل چاچيءَ جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي،  تڏو ڪوٽ درانيءَ ۾ وڇايو ويو آهي، جتي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

نيب هٿان آمدني کان وڌيڪ اثاثن  واري ڪيس ۾ گرفتار  ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي چاچي ۽ اڳوڻي اسپيڪر آغا بدرالدين دراني جي گھر واري گذريل ڏينهن فوت ٿي وئي هئي. جنهن جي تدفين اڄ صبح جو 7 وڳي ڳڙھي ياسين ۾ ڪئي وئي.

جنازي  نماز ۾آغا سراج دراني، شريعت ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق،  آغا مسيح الدين، اڳوڻي ايم پي اي ذوالفقار ڪماريو ۽ آغا امتياز بارڪزئي  سميت ڪيترن ئي ماڻھن شرڪت ڪئي.

آغا سراج درانيءَ جي چاچيءَ جو تڏو ڳڙھي ياسين جي ڪوٽ درانيءَ ۾ وڇايو ويو آهي، جتي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

90   سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويل آغا سراج دراني جي چاچي ورھاڱي کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا بدرالدين دراني  جي وني ھئي.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ پنهنجي  چاچيءَ جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ گهرو کاتي کي 5 ڏينهن جي پيرول تي آزادي جي درخواست ڪئي هئي.

آغا سراج دراني درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته تدفين کان ٽيجھي تائين ٽي ڏينھن لڳندا جڏھن تھ ٻھ ڏينھن سفر ۾ لڳندا.

سنڌ جي گهرو کاتي  آغا سراج دراني جي پيرول تي آزادي واري درخواست منظور ڪندي کيس گذريل ڏينهن  آزاد ڪري ڇڏيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*