تنگواڻيءَ ڀرسان گهر ٻاهران راند کيڏڻ دوران ٻارڙي تلاءَ ۾ڪري پئي،چار ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو ويو

تنگواڻيءَ ڀرسان گهر ٻاهران راند کيڏڻ دوران ٻارڙي تلاءَ ۾ڪري پئي،چار ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ امين کوسو ۾ گهر ٻاهران راند کيڏڻ دوران 5 سالن جي دين خاتون  ڌيءُ علي نواز سندراڻي پير ترڪڻ سبب تلاءَ ۾ ڪري پئي.

تلاءَ ۾ڪري ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙيءَ جو لاش 4 ڪلاڪن جي ڳولا بعد تلاءَ مان ڪڍي گهر آندو ويو ته روڄ راڙو مچي ويو.

فوتي نياڻيءَ جي وارثن واقعي کي اتفاقي قرار ڏيندي چيو آهي ته سندن ٻارڙي پير ترڪڻ سبب تلاءَ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي، پوليس کي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ  نه چيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*