نيب، مسلم ليگ نون جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي

نيب، مسلم ليگ نون جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.نيب پاران جاري ڪيل پريس ريليز ۾ شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري جي تصديق ڪئي وئي

نون ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي  اسلام آباد کان لاهور وڃي رهيو هو ته کيس لاهور ڀرسان ٽول پلازا وٽان گرفتار ڪيو ويو

گرفتاري وقت نون جي اڳواڻ سان گڏ،اڳوڻو گهرو وزير احسن اقبال به گڏ هو

شاهد خاقان عباسي  کي اڄ نيب پنڊي اڳيان پيش ٿيڻو هو، پر هن ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي

نيب پاران گرفتاري جي جاري ڪيل پريس ريليز ۾ شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري جي تاريخ 16 جولائي جي درج آهي،جيڪا هڪ ڏينهن پراڻي آهي.پريس ريليز مطابق شاهد خاقان عباسي کي هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو.

شاهد خاقان عباسي کي گرفتاري جي کڙڪ پوڻ سبب هو نيب اڳيان پيش نه ٿيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*