پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نون ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي نيب هٿان گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نون ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي نيب هٿان گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ اپوزيشن اڳواڻن کي گرفتار ڪرائي رهي آهي.

نون ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري عوام جي چونڊيل نمائندن خلاف انتقامي ڪارروائي جو تسلسل آهي

هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت سياسي مخالفن کي گرفتار ڪرائي پنهنجون ناڪاميون لڳائڻ چاهي ٿي پر ملڪي معيشت تي حڪومتي حملن خلاف اپوزيشن جو احتجاج ختم نه ٿيندو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ حڪومت پاران گڏيل اپوزيشن خلاف غيرقانوني ۽ غيرآئيني حربن ذريعي ٿيندڙ امتيازي احتساب قبول نه آهي، شاهد خاقان کي جلد آزاد ڪيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*