فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف جي چهري جو رنگ ڏيکاري پيو ته قانون پنهنجو رنگ ڏيکاري رهيو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف جي چهري جو رنگ ڏيکاري پيو ته قانون پنهنجو رنگ ڏيکاري رهيو آهي، شاهد خاقان عباسي بار بار چوندو هو ته نيب کيس گرفتار ڇو نه پيو ڪري، هو مڪافات عمل کي ڀوڳيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شهباز شريف کي آڱر ڏيکاري پنهنجي بيگناهي ثابت نه ڪرڻ گهرجي ان لاءِ کيس عدالتن ۾ وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته عدالتون آزاد آهن

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان قانون جي بلندي کي يقيني بڻائي رهيو آهي، سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته ڪو به مقدس ڳئون نه آهي، وزيراعظم کي قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻو آهي

ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هيءَ نئون پاڪستان آهي ۽ هاڻي ادارا خواهشن جا محتاج نه آهن، عمران خان ادارن کي آزاد ۽ مضبوط ڪيو آهي قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت مان به ڪنهن اختيارن جو غلط استعمال يا ڪرپشن ڪئي آهي ته اهو ضرور گرفتار ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته هي نئون پاڪستان آهي ۽ هتي ملڪي ادارا ڪنهن جي خواهشن جا محتاج نه آهن، جيڪڏهن ڪنهن چوري ڪئي آهي ته اهو ضرور گرفتار ٿيندو

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان ادارن کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ چاهيون ٿا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*