نون ليگ جي صدر شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي نيب هٿان گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي جو سمورو ملبو نون ليگ تي ڪري رهيو آهي. لاهور ۾ پريس

نون ليگ جي صدر شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي نيب هٿان گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي جو سمورو ملبو نون ليگ تي ڪري رهيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نون ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته نيب جي ملي ڀڳت سان نون ليگ تي هڪ ٻيو وار ڪيو ويوآهي، بيهوده طريقي سان شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪرايو ويو آهي

هن چيو ته شاهد خاقان عباسي نيب اهلڪارن کي چيو ته کيس ڪا به پريشاني نه آهي، آرڊر ڏيکاريو ۽ گرفتار ڪري وٺو، پر گرفتاري وارنٽ جي مطالبي تي نيب آفيسر هڪٻئي جو منهن ڏسندا رهيا

سندس چوڻ هو ته عمران خان اهڙن قدمن سان عوام جو اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، عمران نيازي 11 مهينن ۾ ملڪي معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، عمران تباهه ٿيل معيشت جي جنازي کي گرفتاري پويان لڪائڻ چاهي ٿو.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ مان گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ شاهد خاقان عباسي جو اهم ڪردار آهي، بجلي ۽ گئس اچڻ سان ڪاروبار ۾ اضافو ٿيو ۽ روزگار وڌيو

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته نواز شريف جي دور ۾ آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن نه ورتي وئي، شاهد خاقان عباسي جو قصور اهو آهي ته هو نواز شريف جو وفادار ساٿي آهي

هن چيو ته ملڪ ۾ احتساب آهي ته پوءِ ٻڌايو احتساب ڪٿي آهي؟، نئين پاڪستان ۾ شفاف احتساب نه آهي، احتساب جي نالي تي نون ليگ کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي

شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ احتساب رڳو نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو ٿي رهيو آهي، نيب جهڙي اداري کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي

نون ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته نون ليگ جي سموري قيادت نيب جي جيل ۾ بند آهي، زندگي رهي ۽ آئون آزاد ٿيس ته نيب جي ڳالهه ڪندس، سليڪٽڊ حڪومت ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي، قوم جلد عمران نيازي کان حساب وٺندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*