نرسنگ الائنس جي احتجاج رنگ لاتو، سنڌ حڪومت نرسز جا مطالبا منظور ڪري ورتا، مرتضيٰ وهاب ڌرڻي واري هنڌ پهچي نرسز جي مطالبن جي منظوري وارو نوٽيفڪيشن سندن حوالي ڪيو

نرسنگ الائنس جي احتجاج رنگ لاتو، سنڌ حڪومت نرسز جا مطالبا منظور ڪري ورتا، مرتضيٰ وهاب ڌرڻي واري هنڌ پهچي نرسز جي مطالبن جي منظوري وارو نوٽيفڪيشن سندن حوالي ڪيو، نرسز خوشيءَ وچان جهمريون پاتيون ۽ ٻن هفتن کان لڳايل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل هر واعدو پاڙي رهي آهي، پي ٽي آءِ سرڪار جي عوام دشمن پاليسين سبب عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي.

سنڌ حڪومت سروس اسٽرڪچر ۽ بين مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻن هفتن کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل ۽ گذريل ڏينهن ريڊ زون ۾ داخل ٿيندڙ نرسنگ الائنس جا مطالبا منظور ڪر ي ورتا

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب نرسز سان گذريل ڏينهن ڪيل واعدي موجب سندن مطالبن جي مڃتا بابت نوٽيفڪيشن کڻي نرسز وٽ پهتو

نرسز مطالبا منظور ٿيڻ تي خوشيءَ وچان جهمريون پاتيون ۽ ٻن هفتن کان لڳايل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

 ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل سمورا واعدا پاڙي رهي آهي

مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي عوام پاليسين جي ڪري غريب مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي

، پي ٽي آءِ ڪارڪن ۾ ظرف آهي ته هو مهانگائي خلاف  گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*