وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، جيستائين چورن کي نه پڪڙيو ويندو ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، جيستائين چورن کي نه پڪڙيو ويندو ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، ڀلي ڪنهن کان سفارشون ڪرايو يا ڪيترا به ڊراما ڪري وٺو پر احتساب جو عمل نه رڪندو.

ميانوالي ۾ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته انسانيت جي ڀلائي جا ڪم ڪري انسان کي روحاني خوشي ملندي آهي، امير ماڻهو کي دنيا ڪڏهن به ياد نه ڪندي آهي جيڪو انسانيت لاءِ ڪجهه ڪري ويندو آهي دنيا ان کي ياد ڪري ٿي.

هن چيو ته ميانوالي ۾ اسپتال جو پراجيڪٽ انيل مسرت جي ڪوشش آهي،  اسپتال جي تعمير  ۾ حڪومت جو پئسو نه پر انيل مسرت جو لڳندو

تقريب دوران وزيراعظم عمران خان انيل مسرت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي اردو بلاول ڀٽو زرداري کان بهتر آهي، اوهان گهٽ ۾ گهٽ اهو جملو ته ادا ڪيو اوهان انيل مسرت آهيون

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ پروپيگنڊه ٿئي پئي ته ڪرپشن خلاف ڪارروائي سان غريبن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ چين پنهنجي 450 وزيرن کي ڪرپشن ڪرڻ تي جيل ۾ وڌو ۽ هاڻي اتي سڀ کان گهڻي ترقي ٿي رهي آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جيستائين ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب نه ٿيندو ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو

وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته ايترو ڪريو جيترو برداشت ڪري سگهو، آئون ته 22 سالن کان انتظار ۾ هئس ۽ الله کان دعا گهري پئي ته مون کي هڪ موقعو ڏنو وڃي ته جئين ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ڪري سگهان.

وزيراعظم عمران خان ميانوالي ۾ نئين ٽرين جو افتتاح پڻ ڪيو، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ماضي ۾ ريلوي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، هاڻي ريل ذريعي لاهور کان ڪراچي جو سفر 8 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان لاءِ سڀ کان وڏو مقصد عام ماڻهو لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، اسان جو پهريون سال تمام گهڻو ڏکيو هو هاڻي حالتون بهتري ڏانهن وڃي رهيون آهن

عمران خان چيو ته ملڪي پئسو لٽندڙن جو احتساب ٿيندو، ٿورو وقت ضرور لڳندو پر قوم جو سمورو پئسو وطن واپس آڻينداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*