ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم ملڪ کي ڦريندڙ چورن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رکي ڇڏيو آهي، سمورن چورن کي هڪ مهيني لاءِ ميانوالي جيل ۾ وڌو وڃي ته سمورا پئسا نڪري ايندا.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم ملڪ کي ڦريندڙ چورن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رکي ڇڏيو آهي، سمورن چورن کي هڪ مهيني لاءِ ميانوالي جيل ۾ وڌو وڃي ته سمورا پئسا نڪري ايندا.

ميانوالي ايڪسپريس ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم آمريڪا وڃي رهيو آهي، مون کي يقين آهي ته پاڪستان جا قرض ري شيڊول ڪرائيندو ۽ افغانستان ۾ امن به آڻيندو.

هن چيو ته چورن سي پيڪ جي نالي تي ڪرپشن ڪري ملڪي پئسا ضايع ڪري ڇڏيا، پاڪستان ريلوي جا 2800 ڦاٽڪ آهن جنهن ۾ 15 سئو ڪراسنگ ۾ ڪو به ماڻهو موجود نه آهي، ماڻهو جنازا پڙهڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ تي اچي وڃن ٿا.

شيخ رشيد چيو ته اسان پنهنجي وسيلن ۾ رهندي 36 نيون ٽرينون هلايون آهن، 10 مهينن ۾ ٻي ٽرين آهي جيڪا وزيراعظم پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ڏني آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*