چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته پوليس جي عوام وٽ اميج کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اڄ به ماڻهو پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان لنوائي رهيا آهن

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته پوليس جي عوام وٽ اميج کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اڄ به ماڻهو پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان لنوائي رهيا آهن

ڪراچي ۾ آءِ جي آفيس ۾ جسٽس سيڪٽر ريفارم جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته انصاف واري نظام لاءِ عدليا جيان پوليس جي به آزادي ضروري آهي، پوليس جي نظام کي جديد بڻائڻ جي به ضرورت آهي

چيف جسٽس چيو ته انصاف جو نظام عدالت ۽ پوليس سان ئي بهتر ٿي سگهي ٿو

چيف جسٽس جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته پوليس سميت هر شعبي ۾ سٺا آفيسر ۽ ملازم موجود آهن، پراسيڪيوشن ۽ جاچ عمل کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي

چيف جسٽس چيو ته معاشري جي بهتري لاءِ عدليا جي آزادي اڻٽڙ آهي، عدالتن کي جاچ آفيسرن جي رحم ۽ ڪرم تي رهڻو پوي ٿو

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته انصاف جي نظام ۾ ٻه وڏا مسئلا آهن پهريون مسئلو ڪوڙي شاهدي ۽ ٻيو دير وارا حربا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*