ملير جي گلشن حديد واري علائقي جي يوسي چيئرمين فضل الحق جي زال تي وحشياڻي تشدد واري وڊيو وائرل ٿي وئي

ملير جي گلشن حديد واري علائقي جي يوسي چيئرمين فضل الحق جي زال تي وحشياڻي تشدد واري وڊيو وائرل ٿي وئي، معاملي تي يو سي چيئرمين فضل الحق اڳوڻي زال جون ٻه وڊيوز به جاري ڪري ڇڏيون، چوڌري فضل الحق چيو آهي ته وڊيو وائرل ڪرائڻ ۾ سياسي مخالف ملوث آهن، زال کي طلاق ڏئي چڪو آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ گلشن حديد يو سي 23 جي چيئرمين فضل الحق، زال کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندي نظر اچي رهيو آهي

ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون موجب وڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص پنهنجي زال تي تشدد ڪري رهيو آهي، يو سي چيئرمين فضل الحق جون ٻه شاديون ٿيل آهن

معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ چوڌري فضل الحق، زال جون به ٻه وڊيوز جاري ڪري ڇڏيون آهن

يوسي چيئرمين فضل الحق چيو ته وڊيو وائرل ڪرائڻ ۾ سياسي مخالف ملوث آهن، زال کي طلاق ڏئي چڪو آهيان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*