لاڙڪاڻي ويجهو همير واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل نوجوان جو 15 ڪلاڪن کانپوءِ لاش هٿ ڪيو ويو

لاڙڪاڻي ويجهو همير واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل نوجوان جو 15 ڪلاڪن کانپوءِ لاش هٿ ڪيو ويو.

ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي واسي نوجوان ثناءُ الله عرف سني سولنگي گذريل ڏينهن همير واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو هو.

وارثن ٽوٻن جي مدد سان نوجوان جي لاش جي ڳولا شروع ڪئي، جيڪو 15 ڪلاڪن کانپوءِ هٿ ڪيو ويو.

فوتي نوجوان ڪراچي ۾ پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*