پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ۽ صدر ٽرمپ ۾ ٻه طرفن  لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ۽ صدر ٽرمپ ۾ ٻه طرفن  لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي،اسان امداد وٺڻ لاءِ نه پر نئين سوچ ۽ نقطه نظر  سان واشنگٽن آيا آهيون.

واشنگٽن ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان  آمريڪا سان اهڙو ڪوبه وعدو نه ڪنداسين، جيڪو پورو ڪري نه سگهون.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن آمريڪا، پاڪستان جي گڏيل مفاد ۾ آهي.

هن چيو ته واهگا بارڊر  تي ڀارت سان ڳالهين ۾ اڳڀرائپ ٿي آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ، افغانستان جو پاڙيسري ناهي، پر ڀارت ، افغانستان ۾ سيڙپ ڪئي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته سي پيڪ ، پاڪ، چائنا تائين محدود ناهي، يورپي ملڪن، آمريڪا کي به پارٽنر بڻائي سگهون ٿا.

پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي جو رستو کولڻ لاءِ اسان هر سطح تي ڪوششون ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*