جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان  اڄ شام جو ستين وڳي پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات ڪندو

جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان  اڄ شام جو ستين وڳي پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات ڪندو.

ذريعن مطابق  ملاقات ۾ 25 جولائي تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حڪمت عملي بابت صلاح مشورو ڪيو ويندو، جڏهن ته شهباز شريف  مولانا فضل الرحمان  کي ميان نوازشريف جو اهم پيغام پهچائيندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هي ملاقات شهباز شريف جي ماڊل ٽائون جي گهر  تي ٿيندي، ٻئي اڳواڻ سينيٽ جي چيئرمين جي تبديلي سان گڏ  ايندڙ سياسي لائحه عمل به طئي ڪندا.

ملاقات ۾ مسلم ليگ نون جي سينئر قيادت به شرڪت ڪندي،ان موقعي تي مهانگائي، بيروزگاري، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ، معيشت جي بدحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*