ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج جي موڪل سبب اڳوڻي صوبائي وزير ذوالفقار مرزا ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڀڃ ڊاهه ۽ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج جي موڪل سبب اڳوڻي صوبائي وزير ذوالفقار مرزا ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڀڃ ڊاهه ۽ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ڪرپشن ۾ ملوث پڪڙ ۾ اچي ويا آهن، رحمان ملڪ هميشه کسڪي نڪري ويندو آهي پر هيل  اهو به بچي نه سگهندو.

اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا جوابدار ڀڃ ڊاهه ۽ بين چئن ڪيسن ۾ ڪراچي جي دهشتگري ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا.

دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج جي موڪل تي هجڻ سبب اڳوڻي صوبائي وزير ذوالفقار مرزا ۽ بين جوابدارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.

عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته ڪرپشن ڪندڙ  پڪڙ ۾ اچي ويا آهي، جيڪي هاڻي نه بچي سگهندا.

اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته رحمان ملڪ هميشه وجهه وٺي کسڪي ويندو آهي پر هيل اهو به بچي نه سگهندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*