رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي

رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، اڄ وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 60 شهرين جي بلڊ اسڪريننگ دوران ٻن ٻارن کي ايڇ آءِ وي هئڻ جي تصديق ٿيڻ بعد ايڇ آءِ وي سٽيل مريضن جو انگ وڌي 933 ٿي ويو آهي.

تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ايڇ آءِ وي ٽيسٽ لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ تي ماڻهن جي رش هئڻ باوجود بلڊ اسڪريننگ اڄ به جاري رکي وئي.

تعلقي اسپتال ۾ 60 شهرين جي رت جي ٽيسٽ ڪئي وئي. جن مان ٻن ٻارن ۾ايڇ آءِ وي هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

اڄ وڌيڪ ٻن ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي هئڻ جي تصديق بعد انگ وڌي 933 ٿي ويو آھي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*