سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي 23 جولائي تي سينيٽ جو اجلاس گهرائي ورتو آهي

سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي 23 جولائي تي سينيٽ جو اجلاس گهرائي ورتو آهي،اجلاس مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي گهرايو ويو آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻن جي نالي لکيل خط ۾ سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پنهنجي ذات لاءِ نه پر سينيٽ جي ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ حرمت لاءِ بيٺو آهيان.

سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي  چيو ته مان پارليامينٽ جي بالادستي  ۽ چيئرمين جي رولنگ لاءِ وڙهي رهيو آهيان.

هن چيو ته مان مخالف ڌر جي ٺهراءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

صادق سنجراڻي چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي کي هٽائڻ جو ڪوبه طريقئڪار طئي ٿيل ناهي

سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي خط جو ڏيندي وڌيڪ ڄاڻايو ته سينيٽ جي چيئرمين مخالف ڌر جي 7 اڳواڻن کي خط  لکي صورتحال کان آگاهه ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*