نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم واشنگٽن ۾ به ڊي چوڪ واري تقرير ڪئي، عمران خان وٽ ڪو به تجربو ۽ پلان نه آهي

نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم واشنگٽن ۾ به ڊي چوڪ واري تقرير ڪئي، عمران خان وٽ ڪو به تجربو ۽ پلان نه آهي، هو رڳو خيالي پلاءُ ئي پچائي ٿو، مريم اورنگزيب چيو آهي ته نااهل وزيراعظم کي خبر ئي نه آهي ايل اين جي ۽ ايل پي جي  ۾ ڪهڙو فرق آهي.

اسلام آباد ۾نون ليگ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته اپوزيشن اڳواڻن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي ۽ کين گرفتار ڪيو پيو وڃي

هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ايل اين جي معاهدي ۾ قوم جا اربين رپيا بچايا پر وزيراعظم انتقام وٺندي کيس گرفتار ڪرايو ويو

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام آمريت کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي، عوام جانيون ڏنيون پر پنهنجي آزادي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي

احسن اقبال جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي آڙ ۾ بدترين آمريت مڙهي عوام کان اظهار راءِ جو حق کسيو ويو آهي، عوام جي حقن ۽ آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين هاڻي فيصلو ڏيندڙ جدوجهد جو وقت اچي ويو آهي.

نون ليگ ايم اين اي احسن اقبال چيو ته آمريڪا ويندڙ کي پاڪستان جي نمائيندگي ڪرڻ گهرجي پر وزيراعظم اتي چيو ته هو جيل ۾ نواز شريف جي ٽي وي ۽ اي سي واپس وٺرئي ڇڏيندو، عمران خان اها ئي تقرير ڪئي جيڪا ڪو سياستدان موچي دروازي مان ڪندو آهي.

احسن اقبال چيو ته وزيراعظم واضح ڪيو ته اپوزيشن جون گرفتاريون حڪومت جي چوڻ تي ئي ٿي رهيون آهن، اپوزيشن کي جيترو هيسايو ويندو عوام اوترو ئي اسان جو ساٿ ڏيندو

ان موقعي تي ڳالهائيندي نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته نااهل وزيراعظم کي ايل اين جي ۽ ايل پي جي ۾ فرق جي خبر نه آهي

مريم اورنگزيب چيو ته نااهل وزيراعظم کي خبر ئي نه آهي ته هڪ حڪومت جو ٻي حڪومت سان معاهدو ڪهڙو هوندو آهي، جعلي وزيراعظم رڳو انتقام جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي

ان موقعي تي مصدق ملڪ چيو ته نون ليگ جي سموري قيادت کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته احتساب رڳو نون ليگ جو ئي ٿي رهيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*