لاهور جي عدالت منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار اڳوڻي قانوني واري وزير راڻا ثناءُ الله کي جيل ۾ گهر جو کاڌو ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي کيس لاڳاپيل فورم سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي عدالت منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار اڳوڻي قانوني واري وزير راڻا ثناءُ الله کي جيل ۾ گهر جو کاڌو ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي کيس لاڳاپيل فورم سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سيشن جج قيصر نذير بٽ راڻا ثناءُ الله جي جيل اندر گهر جو کاڌو ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران راڻا ثناءُ الله جي وڪيل فرهاد علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪِل بيمار آهي، سندس صحت لاءِ گهر جو کاڌو ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي

جيل اختيارين رپورٽ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته راڻا ثناءُ الله کي سندس صحت موجب کاڌو ڏنو پيو وڃي، هـُُو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ سندس روزاني جي بنياد تي ميڊيڪل به ڪرايو ويندو آهي

عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي راڻا ثناءُ الله جي وڪيل کي جيل سپرنٽينڊنٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گهر جو کاڌو کائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*