پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي مفادن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي مفادن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته عظيم ملڪي مفادن لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جا دنيا سان بهتر لاڳاپا بڻائڻ وارين ڪوششن جو ساٿ ڏيون.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي وزيراعظم جِي غيرجمهوري سياست ۽ معيشت لاءِ انتهائي خراب پاليسين سبب ڪيترائي خدشا آهن

هن چيو ته ان باوجود آئون اهو سمجهان ٿو پرڏيهه ۾ سندس عمل ۽ خاص طور تي واشنگٽن ۾ جلسو پي ٽي آءِ بدران پاڪستان جي وزيراعظم جو هئڻ گهرجي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته عظيم ملڪي مفادن لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جا دنيا سان بهتر لاڳاپا بڻائڻ وارين ڪوششن جو ساٿ ڏيون، آئون حڪومت جي ان سلسلي ۾ غيرمشروط حمايت ڪريان ٿو.

پ پ چيئرمين چيو ته آئون مثبت تنقيد جاري رکندس پر اسان سڀني لاءِ پهرين ترجيح پاڪستان ئي هوندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*