سوشل ميڊيا جو ٿورائتو آهيان جو انهن گوسڙو ماسترن جي نشاندهي ڪئي آهي نثار کهڙو

تعليم جي صوبائي وزير نثار کهڙي گوسڙو استادن جي معاملي تي سوشل ميڊيا جا ٿورا مڃيندي ايوان کي ٻڌايو آهي ته 300 گوسڙو ماسترن جي نشاندهي ٿي آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي تعليم جي تباهي جو هڪ وڏو سبب استادن جو اسڪولن مان غير حاضر هجڻ آهي.

هن چيو ته گوسڙو ماسترن جي معاملي کي اجاڳر ڪرڻ تي هو سوشل ميڊيا جو ٿورائتو آهي ۽ ايوان کي خاطري ڪرائي ٿو ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته سوشل ميڊيا جي مدد سان 300 گوسڙو ماسترن جي نشاندهي ٿي آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*