اينڪر پرسن مريد عباس ۽ سندس دوست جي قتل جي مک جوابدار عاطف زمان جڊيشل ميجسٽريٽ وٽ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته هو ڏوهه جو اعتراف نه پيو ڪري

اينڪر پرسن مريد عباس ۽ سندس دوست جي قتل جي مک جوابدار عاطف زمان جڊيشل ميجسٽريٽ وٽ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته هو ڏوهه جو اعتراف نه پيو ڪري، پنهنجي وڪيل جي معرفت الزامن کي منهن ڏيندو، عدالت جوابدار جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد کيس عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

جوابدار عاطف زمان کي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدار جي حالت بهتر نه هئڻ ڪري جج ايمبولينس ۾ وڃي ڪري جوابدار عاطف جو بيان رڪارڊ ڪيو

جج، جوابدار عاطف جو بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ کيس عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

ان کان اڳ پوليس کي بيان ڏيندي جوابدار عاطف زمان چيو ته هو ٽائرن جي واپار ۾ مشهور هئو، جنهنڪري ماڻهو هن سان سيڙپڪاري ڪري منافعو ڪمائيندا هئا

هن چيو ته هو سيڙپڪارن کي 20 کان 25 سيڪڙو منافعو ڏيندو هو جڏهن ته مريد عباس جي ڀاءُ کي ٽائرن جو دڪان کولي ڏنو هو

جوابدار عاطف زمان چيو ته هن مريد عباس کي 10 لک رپين جي سيڙپڪاري تي 2 لک رپيا منافعو ڏنو ۽ بعد ۾ مريد عباس اهي پيسا سيڙپڪاري ۾ لڳايا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*