وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 23 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اقتدار ۾ آيس ته پوءِ خبر پئي ته منهنجو مقابلو سياسي جماعتن سان نه پر  مافيا سان آهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 23 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اقتدار ۾ آيس ته پوءِ خبر پئي ته منهنجو مقابلو سياسي جماعتن سان نه پر  مافيا سان آهي، ماضي جي حڪمرانن جي ڪرپشن سبب پاڪستان جي معاشي حالت تمام گهڻي خراب ٿي.

واشنگٽن ۾ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، اسان واپار وڌائي غربت جو خاتمو آڻي سگهون ٿا

هن چيو ته اسان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، پر  ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، جڏهن اسان سنجيدگي سان ڳالهين ڏانهن هٿ وڌايون ٿا ته ڪشمير ۾ ڪو افسوسناڪ واقعو پيش اچي ويندو آهي، ڀارت ڳالهين لاءِ هڪ وک وڌائيندو ته اسان 2 وکون وڌائينداسين.

سندس چوڻ هو ته نائين اليون واقعي ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان 70 هزار جانيون قربان ڪيون

وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان تمام وڏي قرباني ڏني آهي، اڳ به چيو هو ته افغانستان مسئلي جو حل سياسي ئي آهي، افغانستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هيءَ بهترين وقت آهي

عمران خان چيو ته هيءَ پهريون موقعو آهي جو پاڪستاني حڪومت، فوج ۽ آمريڪي عملدار هڪ پيج تي آهن، افغان طالبان آمريڪا سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جلد معاهدي جا به امڪان آهن

هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري آهن، افغان حڪومت نه ٿي چاهي ته آئون طالبان اڳواڻن سان ملاقات ڪريان، واپس وڃي طالبان اڳواڻن سان ملاقات ڪندس

سندس چوڻ هو ته ماضي ۾پاڪستان ۾ تمام گهڻي ڪرپشن ٿي ۽ ملڪي ناڻو پرڏيهه اماڻيو ويو جنهن سبب ملڪ معاشي طور ڪمزو ٿيو

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ منهنجو مقابلو سياسي پارٽين سان نه پر مافيا سان آهي، جنهن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون، اسان احتساب ڪريون ٿا ته ٻئي سياسي جماعتون چوَن ٿيون ته سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ اپوزيشن جنهن کي سياسي انتقام چوي ٿي ان کي آئون احتساب سمجهان ٿو، مخالف سياستدانن جو رويو مافيا جهڙو آهي

هن چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا کي مڪمل آزادي حاصل آهي، پاڪستان جهڙي ميڊيا ڪٿي به نه آهي، برطانيا کان وڌيڪ ميڊيا جي آزادي پاڪستان ۾ آهي

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان حڪومت طور ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ نه ٿا چاهيون، پر واچ ڊوگ جيان ان کي قابو ڪرڻ چاهيون ٿا، ميڊيا جو ڪم ذاتي حملا ڪرڻ نه آهي

وزيراعظم چيو ته ميڊيا اپوزيشن جو ڪردار ڀلي ادا ڪري پر بليڪ ميلنگ نه ڪري، ميڊيا جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، اسان ميڊيا تي نظر رکنداسين پر سينسرشپ

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*