مٺي ضلعي انتظاميا ٿر جي ڏڪار متاثرن ۾ امدادي ڪڻڪ ورهاست جا 380 سينٽر بند ڪري ڇڏيا

مٺي ضلعي انتظاميا ٿر جي ڏڪار متاثرن ۾ امدادي ڪڻڪ ورهاست جا 380 سينٽر بند ڪري ڇڏيا، 23 سئو  ڳوٺن جي پوڻا 3 لک متاثرن لاءِ صرف 6 سينٽر لڳائڻ سبب ڏڪار متاثر دربدر ٿي ويا آهن

ٿر جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين مٺي پريس ڪلب آڏو شديد احتجاج ڪندي اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا

ان موقعي تي يوسي جوڙئو سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين دانهيو ته ٽيويهه سئو ڳوٺن جي پوڻا ٽي لک ڏڪار خاندان لاءِ امدادي ڪڻڪ ورهاست جا پراڻا 380 سينٽر ختم ڪري صرف ڇهن تعلقن جي هيڊڪوارٽرز ۾ ڪڻڪ جي ورهاست ڪرڻ واري پاليسي ڏڪار متاثرن سان ناانصافي آهي.

هنن چيو ته ڀاڙا ڀري سينٽرن تي اچون ٿا ته بهانا ڪري دربدر ڪيو وڃي ٿو، ضلعي انتظاميه جي اهڙي پاليسي جو نوٽيس وٺي ڏڪار متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*