فرانس ۾ جاري ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 17هين مرحلي ۾ اٽلي جي سائيڪلسٽ ماٽو ٽرينٽن مقرره فاصلو سڀ کان پهرين طئه ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي

فرانس ۾ جاري ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 17هين مرحلي ۾ اٽلي جي سائيڪلسٽ ماٽو ٽرينٽن مقرره فاصلو سڀ کان پهرين طئه ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 17هين مرحلي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سائيڪلسٽ پونٽ ڊيو گارڊ کان گيپ تائين 200ڪلومِيٽرس تي ٻڌل فاصلو طئه ڪيو.

اٽلي جي سائيڪلسٽ ماٽو ٽرينٽن مقرره فاصلو 4ڪلاڪ 21منٽ ۽36سڪيندز ۾ طئه ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ اها سندس ايونٽ ۾ ٽيئن فتح آهي.

ڊينمارڪ جي ڪيسپر 37سڪينڊز جي فرق سان ٻين ۽بيلجيم جي گريگ وين ورميٽ 41سيڪندز جي فرق سان ٽيئن پوزيشن ماڻي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو تڪرار هن ڀير اڳوڻي ڪپتان ۽ اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق جي ڀائيٽي ۽موجوده ٽيم جي اوپنر امام الحق ريڊار تي اچي ويو آهي.

قومي ٽيم جي اوپنر امام الحق مٿان ڇوڪرين سان چيٽننگ جو الزام لڳي ويو آهي.

امام الحق جا سوشل ميڊيا تي مبينه واٽس اپ ميسجز سامهون آيا آهن.

سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ هڪ ڄڻي پاران ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل امام الحق جي مبينه ميسجز ۾ انهن ڇوڪرين سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽جڏهن ته انهن ميسجز ۾ نازيبا ٻولي پڻ ڏسي سگهجي ٿي.

ٽوئيٽ ڪندڙ مطابق امام الحق گذريل ڇهه مهينن کان ڇوڪرين سان چڪر رهيو آهي.

پي سي بي جو چوڻ آهي ته امام الحق سينٽرل ڪانٽريڪٽڊ پليئر آهي۽ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون،جنهن بعد ڪوئي فيصلو ڪيو ويندو.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ، هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق کي پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

ايم ڊي وسيم خان جي صدارت ۾ پاڪستنا ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو اجلاس 2آگسٽ تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٿي رهيو آهي.

ان پهرين اهو اجلاس 29جولاءِ تي ٿيڻو هو،پر وسيم اڪرم ۽مصباح الحق جي مصروفيتن سبب هاڻي اها ميٽنگ ٽي ڏينهن دير بعد ٿيندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم، مصباح الحق، عروج ممتاز ، ذاڪر خان ، مدثر نذر۽ هارون رشيد اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

وسيم اڪرم وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو،جڏهن ته ٻيا سمورا ميمبر نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي پهچندا.

——————-

انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي ٽِيمن وچ ۾ جاري واحد ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم 85رنز اسڪور ڪري ڍير ٿي وئي.

انگلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي واحد ٽِيسٽ ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽صرف 85رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي.

انگلينڊ جي پهرين وڪيٽ 8، ٻين 36رنز تي ڪري پيون،جنهن وڪيٽن جي لائن لڳي وئي ۽43رنز جي مجموعي اسڪور تي ست بيٽسمين پويلين واپس ٿيا.

اولي اسٽون 19، سيم ڪرن 18رنز اسڪور ڪري نمايا رهيا.

آئرلينڊ جي ٽِيم پاران مرتغ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5، اڊير 3۽رينڪن ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

آئرلينڊ جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگ ۾ 207رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

آئرلينڊ پارابلبريني 55، اسٽرلنگ 36۽ڪيون اوبرائن 28رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

انگلينڊ پاران اسٽيورٽ براڊ، اسٽون ۽ڪيورين 3-3وڪِيٽون حاصل ڪيون.

——————-

سريلنڪن فاسٽ بالر نوان ڪلاسيڪارا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سري لنڪن ٽيم جي نالي واري فاسٽ فالر لسٿ ملنگا جي رٽائرمنٽ بعد هڪ ٻئي فاسٽ بالر پڻ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

نوان ڪلاسيڪار آخري ڀيرو 2017۾سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪئي۽ هو تازو ورلڊڪپ ۾ ۾ سريلنڪن ٽيم جو حصو نه هو، پر 2007، سان گڏ 2011۽2015 ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ هن سري لنڪن ٽيم جي نمائندگي ڪئي.

37ورهين جي نوان ڪلاسيڪارا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2013م ڪئي ۽184ون ڊي ميچز ۾ 199وڪيٽون حاصل ڪيون.

ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هن 21ميچز ۾48 وڪيٽون حاصل ڪيون،جڏهن ته 58ٽِي-ٽوئنٽي ميچز ۾66وڪيٽون حاصل ڪيون.

واضح رهي ته ڪلاسيڪار 2014۾ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فاتح سري لنڪن ٽيم جو حصو هو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*