فرانس ۾ جاري ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 19هين مرحلي ۾ ناروي سان تعلق رکندڙ سائيڪلسٽ ايڊوالڊ بوسن سڀ کان پهرين مقرر فاصلو طئه ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

فرانس ۾ جاري ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 19هين مرحلي ۾ ناروي سان تعلق رکندڙ سائيڪلسٽ ايڊوالڊ بوسن سڀ کان پهرين مقرر فاصلو طئه ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو 19هون مرحلو ايمبرون کان سالون ڊي پراوينس تائين ٻڌل هو.

19هين مرحلي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سائيڪل سوار 222ڪلوميٽرس جو فاصلو طئه ڪيو.

ناروي سان تعلق رکندڙ ايڊوالڊ بوسن مقرره فاصلو 5ڪلاڪ 6منٽ ۽9سيڪنڊز ۾ طئه ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.

جرمني جي نيڪياس ارنڊٽ ٻين ۽بيلجيم سان تعلق رکندڙ جينس ڪوڪليئر ٽين پوزيشن ماڻي ورتي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايم ڊي وسيم خان جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد۽ مڪي آرٿر جي مستقبل جو فيصلو ٻه آگسٽ تي ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهم عهديدارن ڪوئٽه جي بگٽي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو۽ ڪوئٽه ۾ نيشنل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچز منعقد ڪرڻ جو جائزو ورتو.

ايم ڊي پي سي بي وسيم خان جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد ۽ مڪي آرٿر جو مستقبل جي باري ۾ ٻه آگسٽ تي فيصلو ڪيو ويندو۽ امام الحق به غلطين ۾ سبق حاصل ڪندو.

هن چيو ته بگٽي اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ پي ايس ايل جون ميچز هتي منعقد ڪرڻ ڪوئٽه واسين جي پراڻي خوائش آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ پي سي بي ڪوششون ڪري رهي آهي.

——————-

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ سري لنڪن ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد بنگلاديش جي ٽيم کي 91رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ کيڏي ويل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 50 اوورس ۾ 8وڪيٽن جي نقصان تي 314رنز اسڪور ڪيون.

سريلنڪا پاران ڪوشل پريرا شاندار بيٽنگ جومظاهرو ڪندي 111رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته اينجلو ميٿيوز 48، مينڊس 43 ۽ ڪرونا رتني 36رنز جي اننگ کيڏي.

بنگلاديش جي ٽيم پاران شفيع السلام3، مستضفرالرحمان 2،مهدي حسن،  سوميا سرڪار ۽ربيل حسن هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بنگلاديش جي ٽيم سري لنڪا پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 315رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم  41ڏهائي 4اوورس ۾ 223رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

بنگلاديش جي ٽيم پاران مشفيق الرحيم 67۽صابر حسين 60 رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

سري لنڪا پاران لسٿ ملنگا ۽پراديپ 3-3 ، ڊي سلووا 2۽ڪمارا هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

ڪوشل پريرا کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

——————-

پهرين اننگز ۾ 85رنز تي ڍير ٿيڻ بعد انگلينڊ جي ٽيم شاندار انداز سان راند ۾ واپسي ڪندي آئرلينڊ کي واحد ٽيسٽ ميچ ۾ 143رنز تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

لارڊز ۾ کيڏي ويل واحد ٽيسٽ ميچ ۾ انگلش ٽيم جي ڪپتان جوءِ روٽ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ آئرلينڊ جي بالرز کين 85رنز تي ڍير ڪري ڪيو.

جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 207رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي۽ اهڙي طرح انگلينڊ جي ٽيم مٿان 122رنز جي برتري حاصل ڪئي.

انگلينڊ جي ٽيم ٻين اننگ ۾ 303رنز اسڪور ڪيون ۽ آئرلينڊ جي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 182رنز جو حدف ڏنو.

آئرش ٽيم ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اننگز جي شروعات ڪئي ته سمورن بيٽسمين کي انگلش بالرز کلي کيڏڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو ۽پوري ٽيم صرف 38رنز تي ڍيرٿي وئي ۽ اهڙي طرح انگلينڊ جي ٽيم واحد ٽيسٽ ميچ ۾ 143رنز تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٽِيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾اهو ڪنهن به ٽيم جو ستون نمبر گهٽ اسڪور آهي.

——————

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي سينيئر بيٽسمين روز ٽيلر جوچوڻ آهي ته ورلڊڪپ 2019جي فائنل هو ٻيهر ڪڏهن به ڏسڻ نٿو چاهي.

انگلينڊ خلاف ورلڊڪپ جي فائنل ۾ شڪست جو غم نيوزيلينڊ جي رانديگر اڃان تائين ڏک ۾ ورتل آهن.

ڪيوي بيٽسمين روز ٽيلر جو چوڻ آهي ته ورلڊڪپ جي فائنل ٻيهر ڪڏهن به ڏسڻ نه چاهيندو.

ٽيلر جو وڌيڪ چوڻ هوته فائنل دوران ميچ دوران مختلف وقتن تي ميچ سندن هٿ ۾ ته ڪڏهن انگلينڊ جي هٿن ۾ رهي ۽ فائنل جي شڪست جي صدمي مان اچڻ ۾ کيس هڪ هفتو لڳي ويو.

روز ٽيلر انڪشاف ڪيو ته فائنل ۾ جڏهن اسڪور ٽاءِ ٿيو ته هن سوچيو ته گيم اوور ٿي چڪي آهي۽ٻئي ٽيمون ٽرافي شيئر ڪنديون۽ کيس سپر اوورس جو ڪوبه آئيڊيا نه هو.

ورلڊڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ ۽نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ ۽سپر اوور ۾ برابر رهي ۽انگلينڊ کي وڌيڪ بائونڊريز لڳائڻ تي ورلڊڪپ چيمپيئن قرار ڏنو ويو.

——————

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نالي واري فاسٽ بالر محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مطابق محمد عامر پاڪستان لاءِ ون ڊي ۽ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.

محمد عامر جولاءِ 2009۾ سري لنڪا خلاف ڳال ٽيسٽ سان ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.

محمد عامر 36ٽيسٽ ميچز ۾ 30جي ايوريج سان 119وڪيٽون حاصل ڪيون.

محمد عامر جوچوڻ آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان ڌار ٿيڻ وارو فيصلو آسان نه هو.

هن چيو ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي ۽ ان لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ٿورائتو آهي.

——————

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*