ڪرڪيٽ جي مداحن چناءِ ٽيسٽ 1999کي قومي تاريخ جي يادگار ٽيسٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ڪرڪيٽ جي مداحن چناءِ ٽيسٽ 1999کي قومي تاريخ جي يادگار ٽيسٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ ۽ٽوئٽر تي ڪيل پولنگ ۾ مداحن ڪرڪيٽ جي مداحن چناءِ ٽِيسٽ 1999کي قومي تاريخ جو يادگار ميچ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پي سي بي پاران 3ڏينهن تي ٻڌل پولنگ ۾ 15هزار 847 مداحن ووٽ ڏنو.

سڀ کان وڌيڪ 65سيڪڙو ڪرڪيٽ جي مداحن چناءِ ٽيسٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

بنگلورٽيسٽ کي 15سيڪڙو ووٽ مليا، اوول ٽيسٽ 1954کي 11سيڪڙو ۽ڪراچي ٽيسٽ 1994کي 10سيڪڙو ووٽ مليا.

——————-

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ورلڊٽيسٽ چيمپيئن شپ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،جنهن ۾ دنيا جي 9 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون.

آءِ سي سي پاران جاري بيان مطابق ٻن سالن تي ٻڌل چيمپيئن شپ ۾ 27سيريز کيڏيون وينديون،جنهن ۾ مجموعي طور تي 72ٽيسٽ ميچز کيڏيون وينديون.

ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو پهرين ٽيسٽ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو۽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جون 2021۾ انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي.

——————-

پاڪستان سپر ليگ پنج جون ميچز پشاور، ملتان، راولپنڊي ۽ ڪشمير ۾منعقد ڪيو وينديون.

پاڪستان سپر ليگ پنج جون سموريون ميچز پاڪستان ۾ منعقد ڪرائڻ لاءِ پلان جوڙيو ويو آهي.

پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن جون سموريون ميچز پاڪستان ۾ ٿينديون،جنهن جي شروعاتي حڪمت عملي تياري ڪئي وئي آهي.

ايونٽ جي شروعات 20فيبروري تي ٿيندي ۽ افتتاحي ميچ لاهور قلندڙ ۽ڪراچي ڪنگز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان سپر ليگ پنج جي فائنل 22 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ڪرائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

ذريعن مطابق لاهور ۾ 11،ڪراچي ۾ 9، راولپنڊي ۾8، ملتان ۾ چار ميچز ٿينديون ۽ پشاور سميت ڪشمير ۾ هڪ-هڪ ميچز منعقد ڪرائي ويندي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايم ڊي وسيم خان جوچوڻ آهي ته بورڊ ۾ پروفيشنل سسٽم آڻي رهيا آهيون ،ڪم نه ڪندڙن کي گهر اماڻيو ويندو.

هن چيو ته سڀني کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو،نئي نظام کي ڪارپوريٽ ڪلچر جيان هلايو ويندو.

وسيم خان جو وڌيڪ چوڻ هوته پروفيشنل نظام ۾ احتساب ۽ ٽرانسپرنسي کي اهميت ڏني ويندي.

وسيم خان چيو ته پي سي بي سموري اسٽاف کي چيلنج ڏنو پيووڃي ته پراڻي ڪلچر کي تبديل ڪنداسين،جيڪو ملازم ان نظام مطابق ڪم نه ڪندو ان کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو.

وسيم خان وڌيڪ چيو ته هو 6مهينا پهرين پاڪستان ان ڪري آيو ته ملڪ جي خدمت ڪيا، پر ميڊيا  ۾ منهنجي ۽ پي سي بي جي باري ۾ منفي پروپيگنڊا ڪيو ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايم ڊي وسيم خان وڌيڪ چيو ته سندس پهگار انگلينڊ ۾ جيتري هئي پاڪستان ۾ ان کان گهٽ آهي.

——————

دليلا محمد 400ميٽر هرڊلز ڊوڙ جي ايونٽ ۾ 52ڏهائي 20سيڪنڊز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.

آمريڪي اولمپڪ چيمپيئن دليلا محمد اهو رڪارڊ يو ايس ٽريڪ اينڊ فيلڊ چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي نالي ڪيو.

ان کان پهرين اهو رڪارڊ روسي ايٿليٽ يوليا پيچن ڪينا وٽ هو،جنهن 2003۾ 400 سوميٽر جي هرڊلز ريس 52ڏهائي 34سيڪندز ۾ طئه ڪيو هو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*