سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برسات جي تباهي سنڌ حڪومت جي گُڊ گورننس جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن

سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برسات جي تباهي سنڌ حڪومت جي گُڊ گورننس جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، وفاقي ڪابينا دادو ۾ بااثرن پاران سيپڪو اهلڪارن تي ٿيل حملي جو به نوٽيس ورتو آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ ۾ برسات کانپوءِ وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ وارن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون اچي چڪي آهي

هن چيو ته وفاقي ڪابينا به ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا دادو ۾ سيپڪو اهلڪارن سان بدسلوڪي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويو آهي

سندس چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ جهاز حادثي جي شهيدن لاءِ دعا گهري وئي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس ۾قيدين جي خراب حالت بابت خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڊيٽا جمع ڪري حقيقت سامهون آندي وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*