ڪوئيٽا جي سٽي ٿاڻي وٽ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 28  ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا جي سٽي ٿاڻي وٽ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 28  ڄڻا زخمي ٿي پيا

باچا خان روڊ تي سٽي ٿاڻي ويجهو پوليس موبائيل وٽ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس موبائيل ۾ سوار 2 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا

ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ نصب ٿيل هو، جنهن ۾ پوليس کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي ۾ پوليس موبائيل، موٽر سائيڪل ۽ ٻيون گاڏيون تباهه ٿيون آهن

ڌماڪي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*