حيدرآباد جي برسات سٽيل ماڻهن لطيف آباد جو دورو ڪندڙ  ڊي سي جو گهيراءُ  ڪري کيس واپس موٽائي ڇڏيو

حيدرآباد جي برسات سٽيل ماڻهن لطيف آباد جو دورو ڪندڙ  ڊي سي جو گهيراءُ  ڪري کيس واپس موٽائي ڇڏيو، ڊي سي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو ذميوار  واسا ۽ حيسڪو کي قرار ڏئي ڇڏيو، ڊي سي اعجاز شاهه جو چوڻ آهي ته واسا ۽ حسيڪو جي غفلت سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي.

ڊي سي حيدرآباد اعجاز شاهه لطيف آباد نمبر 2 جي ٻڏل علائقي دورو ڪرڻ پهتو ته علائقي واسين سندس گهيراءُ ڪري ورتو

برسات متاثر شهرين انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ڊي سي کي واپس موٽائي ڇڏيو

  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي حيدرآباد اعجاز شاهه شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو ذميوار  واسا  ۽ حيسڪو  کي قرار ڏيندي چيو ته واسا ۽ حيسڪو جي غفلت سبب شهر مان پاڻ ينيڪال نه ٿي سگهيو آهي.

ڊي سي چيو ته سمورو سسٽم بگڙيل آهي، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*