ڪراچي ۾ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪڻ جي ڪوشش دوران پوليس 30 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ۾ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪڻ جي ڪوشش دوران پوليس 30 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري ورتو
ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪيترن ئي ڏينهن کان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هڻي ويٺل ارلي چائلڊ ايجوڪيشن استادن سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس سان چڪريون ٿي پيون.
پوليس جي اٽالن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندي 30 کان وڌيڪ استادن کي کنڀي کڻي وئي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس جي تشدد کان ڊڄڻ وارا ناهيون، مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*