ڪراچي ۾ برسات سبب ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي به سخت متاثر، مال پڙي ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڀاڳين پاران قرباني جي جانورن ۾ بيماريون پکڙجڻ خدشو ظاهر

ڪراچي ۾ برسات سبب ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي به سخت متاثر، مال پڙي ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڀاڳين پاران قرباني جي جانورن ۾ بيماريون پکڙجڻ خدشو ظاهر، انتظاميا جو چوڻ آهي ته بجلي بند هجڻ ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

ڪراچي ۾ چوماسي جي برساتن جتي شهر جو ڪاروهنوار متاثر ڪيو آهي اتي ايشيا جي سڀ کان وڏي قرباني جي جانورن جي مال پڙي کي به سخت متاثر ڪري ڇڏيو آهي

مال پڙي ۾ به برسات جو گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آه، جنهن سبب قرباني جي جانورن جي خريداري ۾ گهٽتائي پڻ آئي آهي

ڀاڳين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڻي نيڪال نه ٿيو ته جانورن ۾ بيمارين پکڙجي وينديون ، جنهن ڪري کين لکين رپين جي نقصان جو خدشو آهي

انتظاميا جو چوڻ آهي ته بجلي بند هئڻ سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*