وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن ۾ پاڪستان جي بيرحمي سان ڦرلٽ ڪئي وئي، جنهن ڪري اڄ قومي ناڻو خالي آهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن ۾ پاڪستان جي بيرحمي سان ڦرلٽ ڪئي وئي، جنهن ڪري اڄ قومي ناڻو خالي آهي

اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ سوسائٽي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سوا ڪروڙ گهرن جي کوٽ آهي، انهن ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جو موقعو ڏينداسين جن وٽ گهر ٺاهڻ لاءِ وسيلا نه آهن.

هن چيو ته نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت پگهاردار طبقي لاءِ خاص طور گهر ٺاهڻ آسان هوندو، 50 لک گهرن جو منصوبو گوادر جي مهاڻن کان شروع ڪنداسين

سندس چوڻ هو ته هن اسڪيم جي تعمير ۾ پاڪستاني پورهيت ڪم ڪندا جڏهن ته هائوسنگ مٽيريل به ملڪ جو ئي استعمال ٿيندو

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ گهرن لاءِ ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو قرض ڏنو ويندو آهي، اسان وٽ پئسن جي گهٽتائي آهي ان جا ڪارڻ ماضي جي حڪومتن پاران ملڪي ناڻي جي ڦرلٽ آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*