سنڌ ۾ ماڻهن کي کنڀي گم پيو ڪيو وڃي پر حڪومت خاموش آهي مهتاب اڪبر راشدي

فنڪشنل ليگي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي امن امان جي معاملي تي ڳالهائيندي سنڌ مان کنڀي گم ڪرڻ بعد ماڻهن جا لاش ملڻ ۽ نينگرين کي مسلمان بڻائي ساڻن شاديون ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي گهر ڪئي آهي ته اهي سلسلا روڪڻ لاءِ انتظاميه حرڪت ۾ اچي.

مهتاب اڪبر راشدي امن امان جي صورتحال کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته سڄي سنڌ مان ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، نه رڳو اهو ته انهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي پر انهن جا چچريل لاش ملي رهيا آهن پر ان معاملي تي حڪومت خاموش آهي، جنهنڪري معاملا خراب ٿي رهيا آهن.

هن سيد پريل شاهه ۽ ٻين ڪارڪنن جا لاش ملڻ تي انتهائي ڏُک جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته نامياري ليکاري انور پيرزادي جي ڀاڻيجي سرويچ پيرزادي کي ڳجهن ادارن ڏيڍ مهينو اڳ کنڀيو آهي، جنهن جي اڃا تائين خبر نه پئجي سگهي آهي.

مهتاب اڪبر راشدي جو اهو به چوڻ هو ته رنڪل ڪُماري ۽ انجلي کي هو نه ته هندو سمجهي ٿي ۽ نه وري مسلمان، بس انهن ٻنهي کي هو سنڌ جون نياڻيون سمجهي ٿي.

هن چيو ته ماڻهن جو مسلمان ٿيڻ ۽ ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ جو ثواب حاصل ڪندڙن سان کيس ڪا رِيس نه آهي پر انهن گادين وارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جيڪي صغير نياڻين کي ورغلائي انهن کي دين جي نالي تي ڌوڪو ڏين ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*