ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ بابت آمريڪي موقف سامهون اچي ويو

ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ بابت آمريڪي موقف سامهون اچي ويو،آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪ-ڀارت سڌين ڳالهين جي حمايت جاري رکنداسين،ڪشمير بابت ڀارت جي قانون سازي جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون.

جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ڀارتي فيصلي جا وڏي پئماني تي اثر سامهون ايندا،ڀارتي قدمن سان خطي ۾ عدم استحڪام ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.

آمريڪا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سموريون ڌريون صبر ۽ برداشت کان ڪم وٺن،صورتحال جي حوالي سان شهرين جي انفرادي حقن جو احترام ڪيو وڃي،قانوني طريقي عمل ڪيو.

جاري ڪيل بيان مطابق ڪشميرين جي گرفتارين ۽ ڀارتي پابندين جي خبرن تي ڳڻتي برقرار آهي،ڌريون ڪنٽرول لائين تي امن ۽ استحڪام برقرار رکن ۽ متاثرين سان ڳالهيون ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*